ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه معافي گھري ورتي
October 28, 2019 at 6:02 pmاسلام آباد (شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شآهه کي پرڏيهي آفيس ۽ اعليٰ سطح جي اجلاس لاءِ رکيل ڪمري ۾ ٺاهيل ويڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن کان پوءِ هاڻ ن عوام کان معافي گھري آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي حريم شاهه هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ پرڏيهي آفيس ڪئين پهتي.حريم فاطما چيو ته شاهه محمود قريشي منهنجو پسنديدهه سياستدان آهي، پرڏيهي آفيس ٻاهران منهنجو گذر ٿيو ۽ مون کي خبر پئي ته شاهه محمود قريشي اتي موجود آهي، هو مون لاءِ قابل عزت آهي ۽ هن سان ملڻ به مون لاءِ قابل فخر آهي.