پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڳالهايان ٿو ته ملڪ دشمن چيو ويندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

April 17, 2019 at 3:23 am

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جي سمورين طاقتن کي پيغام آهي ته قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو آهي ته دهشتگردن جي متاثرن کي آڻيو، پابندي مڙهيل تنظيمن کي نه. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئٽا پهچي دهشتگردي سبب متاثر ٿيل هزاره برادريءَ سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  افسوس آهي ته ايترو رت وهڻ باوجود رياست فيصلو نه ڪري سگهي آهي ته اه دهشتگردن سان گڏ آهي يا وري شهيدن سان، حڪومت کي فيصلو ڪرڻو پوندو ڪيستائين ٻٽي پاليسي جاري رهندي. هن چيو ته انتها پسنديءَ خلاف اڪيلو نه ٿو وڙهي سگهان پر اسان کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻو پوندو،  اسان کي انتها پسند ذهنيت خلاف وڙهڻو آهي، اسان جڏهن انصاف گهرون ٿا ته ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي،  پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڳالهايان ٿو ته ملڪ دشمن چيو ويندو آهي، اسان ملڪ دشمن آهيون يا وري پابندي مڙهيل تنظيمون جيڪي اسان جي ٻارن کي قتل ڪري رهيون آهن؟  سندس چوڻ هو ته مان به شهيد جو پٽ آهيان، ملڪ کي انتها پسندي کان پاڪ ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندس، سموري سياسي زندگي ان ڪم لاءِ هوندي ته پنهنجي ملڪ کي انتها پسندن کان پاڪ ڪيان ته جيئن امن سان ملڪ ۾ زندگي گذاري سگهون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ مظلوم ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻو پوندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو