پارليامينٽ کي ڪا به آگاهي نه پئي ڏني وڃي، نقصان حڪومت جو ٿيندو: رضا رباني
December 19, 2018 at 8:37 pmاسلام آباد (بيورو) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي اهم ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ پارليامينٽ کي آگاهه نه پيو ڪيو وڃي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ پارليامينٽ غير فعال ٿي وئي آهي، پرڏيهي وزير جا سڀ بيان پريس ڪانفرنس ذريعي يا اخبار ۾ ايندا آهن. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته پاڪستان جي مدد سان آمريڪا – طالبان ڳالهين جي شروعات ٿي، جنهن جو اطلاع اسان کي وزيراعظم جي پارليامينٽ کان ٻاهر بيان سان مليو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير پارليامينٽ ۾ هڪ به پاليسي بيان نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سعودي عرب جا ٻه دورا ڪيا ۽ معاهدا ڪيا پر تفصيل پارليامينٽ ۾ نه ڏنا ويا. هن سوال ڪيو ته ڇا ڪو دفاعي معاهدو ٿيو آهي؟ ڪهڙن ٽرمز تي سعودي عرب سان معاشي پيڪيج ٿيو آهي؟ ڪجهه نه ٻڌايو ويو. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته وزيراعظم گڏيل عرب امارتن جو دورو ڪيو پر ان حوالي سان به پارليامينٽ کي آگاهه نه ڪيو ويو، چين جي دوري کانپوءِ ميڊيا ۾ چيو ويو ته اسان اڪنامڪ ٽيم اتي ڇڏي آيا آهيون، ان حوالي سان اڄ تائين پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. رضا رباني چيو ته ان سان توهان پارليامينٽ کي ڪمزور ڪري رهيا آهيو، اها معاملا جيڪي پارليامينٽ کي ملڻ گهرجن جيڪڏهن نه ڏيندئو ته ايوان غير فعال ٿي ويندو. هن خدشو ظاهر ڪيو ته ايوان تيزي سان غير فعال ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ اهو حڪومت جي مفاد ۾ نه هوندو، خال ڀرڻ لاءِ ٻيون قوتون اڳتي وڌنديون.