پارٽي قيادت جو ميڊيا ٽرائل هاڻي بند ٿيڻ گهرجي: پ پ پ اڳواڻن جو ردعمل

December 21, 2018 at 9:01 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورتر) پ پ پ اڳواڻن اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي گرفتاري بابت افواهن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پارٽي قيادت جو ميڊيا ٽرائل هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، جي آءِ ٽي وٽ ڪو ثبوت ناهي ۽ رڳو هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ٺاهيون پيون وڃن.رپورٽن مطابق پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف جي آءِ ٽي وٽ ڪو به ثبوت ناهي ۽ رڳو هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ٺاهيون وڃن، پيپلز پارٽي لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ نه اسان ڏٺي نه اوهان ڏٺي. خورشيد شاهه چيو ته ميڊيا ٽرائل اسان جي وڏي بدقسمتي آهي، جيڪو ماڻهن جو ذهن بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ميڊيا ٽرائل عدالتي ٽرائل کي ٽيڪ اوور ڪري وٺندو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي پيمرا خاموش تماشائي بڻيل آهي.آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري جي موقعي تي ڪارڪنن جي وڏي انگ جي موجودگي ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ڪئميرائن سبب ڪارڪنن آيا آهن، جيڪڏهن ڪيميرائون نه هجن ها ته ڪارڪن پڻ نه اچن ها. سندس چوڻ هو ته اسان جو ٽرائل ڪيو پيو وڃي، وقت بوقتن جي آءِ ٽي جي رپورٽ ليڪ ڪئي ويندي آهي، اسان آمرن جا تجربا ڪيا، اسان فرد واحد جا تجربا ڪيا، جسٽس منير کان ويندي جسٽس ثاقب نثار تائين سڀني ججن کي ڏٺو، عدليا جا سٺا خراب فيصلا پڻ ڏٺا آهن، جسٽس افتخار چوڌري کي به ڏٺو جنهن وردي ۾ ڊڪٽيٽر کي آئين ۾ ترميم جي اجازت ڏني. خورشيد شاهه چيو ته جڊيشل ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويندو آهي ۽ عدالتي پابندين باوجود ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي تبصرو ڪيو ويندو آهي.پ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ چيو ته اڳڪٿيون ڪيون ويون ته اڄ گرفتاري ئي ٿيندي، کين هاڻي معافي وٺڻ گهرجي، پيپلز پارٽي تي ڪوڙا ڪيس ڪا نئين ڳالهه ناهي، پارٽي قيادت جو ميڊيا ٽرائل هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. رحمان ملڪ چيو ته جيستائين جاچ مڪمل نٿي ٿئي ان وقت تائين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي مڙهيل الزام، الزام ئي آهن، جيستائين معاملو عدالت ۾ آهي ڪيس تي نه ڳالهايو وڃي.پيپلز پارٽي اڳواڻ نثار کهڙو ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتاري ثبوتن جي بنياد تي ٿيندي آهي، اڳواٽ ڪجهه چوڻ مناسب نٿو سمجهان، اسان عدالت جو احترام ڪريون ٿا ۽ عدالت ۾ ان اميد سان ايندا آهيون ته انصاف ملندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو