پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، ڀارت ميري اک کڻي ڏسڻ جي جرئت نه ڪري : شاهه محمود قريشي
February 25, 2019 at 7:06 amاسلام آباد ( بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جو خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏي، ڀارتي قدمن سان زميني حقيقتون تبديل نه ٿينديون. پرڏيهي آفيس ۾ اهم اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ جنونيت عروج تي آهي، ڪشميري قيادت کي والاريل ڪشمير کان ٻاهر ڌڪيو پيو وڃي، ڀارتي قدمن سان زميني حقيقتون تبديل نه ٿينديون. هن چيو ته سموري والاريل ڪشمير ۾ خوف جي فضا آهي، محبوبه مفتي به چئي رهي آهي ته ماڻهن کي قيد ڪري سگهجي ٿو پر نظرين کي قيد ڪرڻ ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي نئين نسل ۾ هڪ نئين حريت جي ڪيفيت جاڳي چڪي آهي، جيڪا ڌٻجڻ واري ناهي، بي جي پي سياسي مقصد لاءِ جنون پکيڙي رهي آهي، ڀارتي حڪومت تدبر کان ڪم وٺي ۽ امن کي داءُ تي نه لڳائي. شاهه محمود قريشي چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون، ڪشمير تي حملا ڪيا ويا، ڀارتي حڪومت تماشائي بڻيل رهي، پونا ۾ هڪ وڪيل ۽ هڪ صحافي تي تشدد ڪيو ويو، دهلي ۾ بي قصور ڪشميري نوجوان تي تشدد ڪيو ويو، جي پور ۾ پاڪستاني قيدي جي قتل تي ڀارتي پوليس خاموش رهي. هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ کي ڪشميرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ بيان ڏيڻو پئجي ويو، ڀارتي رويي خلاف قوم متحد آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، ڀارت ميري اک کڻي ڏسڻ جي جرئت نه ڪري. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفارتڪارن سان مشورا ڪيا پيا وڃن تجربن مان فائدو حاصل ڪري مضبوط ۽ جٽادار حڪمت عملي تيار ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين سان پرڏيهي معاملن تي مشاورت فائديمند رهي.