پاڪستان تي آڱريون کڻندڙ اڄ واکاڻ ڪري رهيا آهن: شاهه محمود قريشي
January 22, 2019 at 8:11 pmدوحا ( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪالهه تائين جيڪي اسان تي آڱريون کڻي رهيا هئا اڄ واکاڻ ڪري رهيا آهن. دوحا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جو سڀ سان دوستي جو ويزن ڪامياب ٿي رهيو آهي، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کانپوءِ قطر سان به لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد سعودي عرب، يو اي اي بعد قطر سان به لاڳاپن ۾ بهتر اڳڀرائي ٿي آهي، تحريڪ انصاف حڪومت اچڻ بعد پاڪستان جا عرب ملڪن سان لاڳاپا تيزي سان بهتر ٿي رهيا آهن، 12 سالن بعد قطر جڏهن ته 30 سالن بعد رياض ۾ روڊن تي سرڪاري طور پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سعودي ولي عهد پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪالهه اسان جي نيت تي شڪ ڪيو پئي ويو پر اڄ اسان جي ڪوششن کي واکاڻيو پيو وڃي، ڪالهه تائين جيڪي آڱريون کڻي رهيا هئا اڄ واکاڻ ڪري رهيا آهن، اها ڪيڏي وڏي تبديلي آهي، اهو سولو ڪم نه هو ۽ نه آهي پر اسان ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر سال اربين ڊالر جو گوشت، سبزيون ۽ زرعي جنسون قطر کي موڪلي سگهي ٿو، پاڪستان قطر کي ميوا، سبزيون ۽ ڊيري آئٽم فراهم ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو، زرعي شعبي ۾ انفراسٽرڪچر بابت قطر کي اهم آڇ ڪنداسين، پاڪستان، قطر جي غذائي ضرورتن بابت فوڊ سڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان سمنڊ ذريعي ٻن ڪلاڪن اندر تازيون سبزيون ۽ زرعي جنسون قطر پهچائي سگهجن ٿيون. شاهه محمود قريشي افغان ماڻهو ماضي جون وڇوٽيون وساري پنهنجي ملڪ جي مستقبل لاءِ جيستائين نه سوچيندا پاڪستان اڪيلو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، آمريڪي سينيٽر عمران خان سان اتفاق ڪيو ته افغانستان مسئلي جو ڪو به فوجي حل ناهي.