پاڪستان تي الزام بي بنياد آهي: رحمان ملڪ

February 15, 2019 at 7:29 pm

اسلام آباد(بيورو) پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم ڪري رهي آهي، ڀارتي سازشن کان اسان کي الرٽ رهڻو پوندو، والاريل ڪشمير ۾ مودي کي چونڊ کٽرائڻ جي چال آهي، ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مودي جي پالسيين سبب ڪشمير جون حالتون خراب ٿيون آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رحمان ملڪ چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جي ٻڌڻي 18 فيبروري تي ٿيندي، کيس پاڪستان ۾ گرفتار ڪيو ويو هو پر کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير واقعي جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت ۾ جيڪو واقعو ٿيندو آهي، ان جو الزام پاڪستان تي لڳايو ويندو آهي. سينيٽر چيو ته ڀارتي ميڊيا چئي رهي آهي ته مودي 5 پوائنٽ ٺاهڻلاءِ سرحد تي حالتون خراب ڪرڻ ۽ همدرديون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف کي خط لکيو آهي ته مودي دهشتگردن جو پروٽيڪٽر آهي، مودي مني لانڊرنگ جو به پروٽيڪٽر آهي، جيڪڏهن ايف اي ٽي ايف گهرايو ته ثبوت ڏيندس.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو