پاڪستان جا 7 رانديگر ايندڙ مهيني ٿيندڙ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا

November 19, 2019 at 5:37 pm

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جا 7 رانديگر ايندڙ مهيني ٿيندڙ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا. ڍاڪا جي ٽيم ۾ 3 پاڪستاني رانديگر شامل آهن. بنگلاديش پريمير ليگ 11 ڊسمبر کان 16 جن

وري تائين جاري رهندي، ليگ ۾ پاڪستان جا 7 رانديگر به ايڪشن ۾ هوندا. رانديگرن جي چونڊ جي لاءِ ڊرافٽ آچر تي منعقد ٿيندو.  اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي، فاسٽ بالر وهاب رياض ۽ آصف علي ڍاڪا پلاٽون جي نمائندگي ڪندا. فاسٽ بالر محمد عامر کهلنه ٽائيگر جي ٽيم ۾ شامل آهن. آل رائونڊر محمد نواز ۽ فاسٽ بالر محمد عرفان کي راجشاهي رائلز جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آل رائونڊ عماد وسيم چٽاگانگ چيلنجرز جي ٽيم ۾ شامل آهن. ڊرافٽ جي شروعات کان اڳ پاڪستان جي آل رائونڊر شعيب ملڪ جو نالو لسٽ مان ڪڍيو ويو هو جنهن جو ڪوبه سبب ناهي ٻڌايو ويو. 

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو