پاڪستان جي ادارن وچ ۾ نئين ميثاق جي ضرورت آهي: فواد چوڌري
December 1, 2019 at 5:49 pmلاهور(م ڊ): سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي ادارن وچ ۾ نئين ميثاق جي بنياد رکڻ جي ضرورت آهي، جيستائين ادارن وچ ۾ توازن نه هوندو پاڪستان اڳيان نه وڌندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته هن وقت ادارا پنهنجا اختيار وڌائڻ کي سامهون رکيو ويٺا آهن. مخالف ڌر به هڪ ادارو آهي، تنهن ڪري اسان کي ٻنهي ايوانن جي گڏيل ڪميٽي ٺاهي آرمي چيف جي ملازمت واري مدت ۽ معاشي پاليسين تي اتفا/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 30
ق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي.فواد چوڌري ادارن جي وچ ۾ اختيارن جي توازن جي لاءِ نئين ميثاق ۽ ”نيوڊيل“ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جيڪا گريٽر ڊائيلاگ جي ڳالهه ڪئي آهي، ادارن کي ان طرف وڃڻ گهرجي.وفاقي وزير فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي چيف هميشه سول ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جڏهن ته وزيراعظم به ادارن جو استحڪام چاهي ٿيو.فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي چيف ۽ ميمبرن جي مقرري جي معاملي تي به پراميد نظر آيو ۽ ان جو چوڻ و ته ان معاملي تي اتفاق ٿي ويندو، جيڪي نالا شهباز شريف موڪليا آهن اهي به سنجيده آهن ۽ تحريڪ انصاف جا نالا به ٺيڪ آهن.شاگرد يونين جي حوالي سان وفاقي وزير جو چوڻ هو ته شاگرد يونين کي بحال ٿيڻ گهرجي.