پاڪستان جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ جي لاءِ برسبين پهچي وئي
November 19, 2019 at 5:35 pmلاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ جي لاءِ برسبين پهچي وئي آهي. خميس جي ڏينهن شيڊول پهرين مقابلي کان اڳ پاڪستان جي ٽيم سومر تي پريڪٽس ميچ کيڏندي. 3 ڪلاڪن جي پريڪٽس ۾ ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ ۽ مختلف ڪنڊيشنن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٽور ميچ ۾ خراب ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي رانديگر هيڊ ڪوچ مصباح الحق جي ڌيان جو مرڪز هوندا. اوپننگ بيٽسمين شان مسعود جي پريس ڪانفرنس به شيڊول آهي. تفصيل موجب آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-2 تان شڪست کان پوءِ پاڪستان جا ٽيسٽ اسپيشلسٽ پرٿ ۾ ٻه وارم اچ ميچن ۾ ڪنڊيشن سان هم آهنگ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پهريون مقابلو ڊي اينڊ نائٽ فارميٽ ۾ غلابي بال سان کيڏيو ويو پر ٻيو 2 ڏينهن وارو ميچ روايتي ڳاڙهي بال سان کيڏيو ويو. ٻنهي ميچن جو اختتام ڊرا سان ٿيو پر ان ۾ خاص طور تي اسد شفيق بهترين فارم جو مظاهرو ڪيو. هن ٻنهي مقابلن ۾ سينچريون اسڪور ڪيون. هن پهرين ٻن ڏينهن واري مقابلي ۾ 119 جي اننگز کيڏي جڏهن ته ٻئي ڏينهن مقابلي ۾ 101 ناقابل شڪست رنسون ٺاهي ميزبان بالرن کي دٻاءُ جو شڪار ڪيو هو. پهرين ميچ ۾ بابر اعظم به سٺي راند جو مظاهرو ڪيو.