پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو
November 26, 2019 at 4:19 pmڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل ايمان سليمان سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.ايمان سليمان تازو ئي انسٽاگرام تي هڪ ڊگهي پوسٽ جي ذريعي مداح/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 53
ن کي پنهنجي شادي جي خبر ٻڌائي. ايمان سليمان پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ مزاحيه انداز اپنائيندي ٻڌايو ته هاڻ مان تمام جلد پنهنجي دوست سان شادي ڪندس. ماڊل چيو ته مان پنهنجي دوست جميل سان شادي ڪندس جيڪو هڪ تمام سٺو ڇوڪرو آهي ۽ ان سان گڏ ئي ماڊل مداحن کي ٻنهي جي لاءِ دعا ڪرڻ جو به چيو آهي.