پاڪستان پاڻي جي کوٽ سبب خطرناڪ موڙ تي بيٺل آهي: ثاقب نثار

February 4, 2019 at 9:08 pm

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پاڪستان پاڻي جي کوٽ سب خطرناڪ ڪناري تي آهي، ڊيم مهم هلائڻ ۽ آگاهي ڏيڻ اصل مقصد هو، ڊيم لاءِ جمع ڪرايل فنڊن جي سپريم ڪورٽ ضامن آهي، حڪومت ڊيم لاءِ جيڪي قدم کڻي اهي قوم کي آگاهه ڪري.  لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي حياتي آهي جنهن کانسواءِ زندگي جو ڪو به تصور ناهي، پاڻي قدرتي تحفو آهي، جنهن سان زندگي جڙيل آهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪراچي ۾ محسوس ڪئي، ڪوئٽا ۾ ٻڌڻي ڪري رهيو هيس ته پاڻي جي کوٽ جي خبر پئي، پاڪستان پاڻي جي کوٽ بابت خطرناڪ ڪناري تي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ لاءِ 3 ۽ پنجاب لاءِ ٻن وڏن ڊيمن جا آرڊر جاري ڪيا، راول ڊيم ۾ آبادي جو گند وڃي رهيو آهي، جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ  ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، اسان کي پاڻي جي مسئلي تي جدوجهد ڪرڻي پوندي، پاڻي کي محفوظ ڪرڻ ۽ استعمال تي اسان کي ڪم ڪرڻو آهي.  ثاقب نثار چيو ته واسا پاڻي لاءِ گهٽ پئسا وٺي رهيو آهي، منرل واٽر ڪمپنين تي هڪ پئسو قيمت لڳائي، 8 بلين گيلن پاڻي منرل واٽر ڪمپنيون جر مان کڻي رهيون آهن.  اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ڊيم لاءِ 9 ارب رپيه گڏ ٿي چڪا آهن،  ڊيم جي مهم هلائڻ ۽ آگاهي اصل مقصد هو، ڊيم لاءِ جمع ڪيل فنڊن جي سپريم ڪورٽ ضامن آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو