پاڪستان ڀارت ٻه ايٽمي طاقتون آهن ۽ پاڻ ۾ ويڙهه ڪرڻ خودڪشي هوندي:شاهه محمود قريشي
November 28, 2018 at 8:32 pmاسلام آباد (بيورو ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت ٻه ايٽمي طاقتون آهن ۽ پاڻ ۾ ويڙهه ڪرڻ خودڪشي هوندي. هڪ انٽرويو دوران شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪرتارپور راهداري ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهين جو رستو آهي، ان سان ٻنهي ملڪن کي گڏجڻ جو موقعو ملندو، ويڇن ۽ فاصلن ۾ گهٽتائي ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان تي ڪرتارپور راهداري بڻائڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ نه هو، وزيراعظم عمران خان جي پهرين ڏينهن کان خواهش هئي ته اسان جي خطي ۾ امن هجي. هن چيو ته وزيراعظم جي سوچ آهي ته اسان سان ڀارت تاريخي مسئلا آهن ته انهن جو ڪهڙو حل آهي، جنگ ته مسئلن جو حل ناهي ۽ ٻه ايٽمي طاقتن وچ ۾ ويڙهه جي گنجائش ناهي، ته پوءِ ڪهڙو رستو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪارتارپور راهداري فاصلا گهٽائڻ جي هڪ زبردست ڪاوش آهي، ماڻهو واهگا ذريعي ايندا هئا، جيڪو 400 ڪلوميٽرن جو رستو هو جنهن کي اسان چئن ڪلوميٽرن تي آندو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته رستا گهٽ هوندا ۽ اچ وڃ ۾ واڌ ٿيندي ته لاڳاپن ۾ بهتري ايندي، پاڪستان، ڀارت ۽ ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر رهندڙ سک برادري تمام گهڻو خوش آهي. هن چيو ته لنڊن ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ ڀارتي ۽ پاڪستاني گڏ رهندا آهن، ڇا اتي هو هڪٻئي جي شادين ۾ شرڪت ناهن ڪندا، ڇا اتي هڪ ٻئي جي تهوارن ۾ ناهن ويندا ۽ ڇا اتي هڪٻئي جي خوشي ۾ شامل ناهن ٿيندا ۽ ڇا لنڊن ۾ پاڪستاني ۽ ڀارتي گڏ آفيسن ۾ ڪم ناهن ڪندا.