پاڪستان کي افغان ويڙهه جي اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو:فواد چوڌري
January 3, 2019 at 8:03 pmاسلام آباد(بيورو) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ واري خواهش جي اظهار تي ردعمل ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا پاڪستان جي اهميت کي سمجهي اڳيان وڌي ته معاملا وڌيڪ بهتري طرف ويندا.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان جو امن افغانستان سان ٻڌل آهي ۽ افغانستان ۾ استحڪام کي نظر ۾ رکندي آمريڪا جو ڪردار اهم ترين آهي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري خطي جي استحڪام لاءِ اهم آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي افغان ويڙهه جي اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن آمريڪا اها ڳالهه سامهون رکي اڳيان وڌيو ته معاملا وڌيڪ بهتري طرف ويندا.