پاڪستان کي معاشي بحران ۾ وڪوڙڻ جو ذميندار تحريڪ انصاف جي نه اهل حڪومت آهي:مرتضيٰ وهاب
February 13, 2019 at 7:44 pmڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي بحران ۾ وڪوڙڻ جو ذميندار تحريڪ انصاف جي نه اهل حڪومت آهي،گيس جي اگهن ۾ واڌ کي مجبوري ڄاڻايو پيو وڃي معيشت کين سنڀلجي نه پئي ۽ الزام سياستدانن تي مڙهي رهيا آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو صلاحڪار اطلاعات وڌيڪ چيو ته گيس ڪمپنين کي بند ڪرڻ جي خطري کان قوم کي ڊيڄاريو ۽ ذهني اذيت ڏني پئي وڃي، تحريڪ انصاف زهني طورتي اڃا به ڪنٽينر تي بيٺي تي راڳ الاپي رهي آهي. وزراعظم ڪنٽينر تان لهي حقيقت کي منهن ڏئي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪري. هن چيو ته اسان جو وزيراعظم بني گالا کان دفتر واري سفر کي سادگي چوي ٿو پي سادگي ۽ بي پرواهي جو بنيادي فرق تحريڪ انصاف کي سمجهه نه پيو اچي. مهمان نوازري ۽ پنهنجو خود اداريت جي عيوض جوبنيادي نقتو سمجهڻ جي ضرورت آهي.هن وچيڪ چيو ته سنڌ وفاق پاران محرومي جو خاموش آواز بڻجي رهيو آهي. تحريڪ انصاف ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي کڻي ڦٽو ڪيو آهي مهنگائي ۽ بيروزگاري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جي ڳالهين سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان تي چٿرون ٿي رهيون آهن پر اسان جي حڪمرانن کي ڪا پرواهه ئي ناهي، ملڪ ۾ مهنگائي جي بم سان ماڻهن جو جيئڻ ناممڪن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جنهن سا معاشي صورتحال خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ پئي ٿيندي وڃي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت سڀ سٺو آهي جو راڳ الاپي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ عوام کي پيپلزپارٽي سان محبت جي سزا ڏني پئي وڃي جتي گيس ۽ بجلي جي هٿرادو کوٽ ۽ روزمره جي شين جي اگهن ۾ واڌ ڪارڻ عوام کي ٻٽي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر پيپلزپارتِ جي حڪومت عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهندي ۽ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي ايندي ته جيئن عوام جون تڪليفون گهٽجي سگهن.