پاڪستان کي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنجيدا قدم کڻڻا پوندا:سهيل مظفر
January 29, 2019 at 7:51 pmڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستنا ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ( سي پي آءِ ) 2018ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ پوائنٽ بهتري حاصل ڪندي 100 مان 33 نمبر حاصل ڪيا آهن. پر ان باوجود به 180 ملڪن مان ملڪ جي رينڪنگ گذريل سال جيان هن سال به 117 هين نمبر تي آهي. 2018ع جي انڊيڪس کي جاري ڪندي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين سهيل مظفر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنجيدا قدم کڻڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي معاشي صورتحال تيستائين بهتر نه ٿي سگهنديون جيستائين ڪرپشن جهڙي اڏوهي مان ڇٽڪارو حاصل نٿا ڪري وٺون. هن چيو ته پرڏيهي سرمائيدارن ڪنهن به ملڪ ۾ ڪاروبار جي شروعات کان اڳ سهولتون ڏسندا آهن، پاڪستان کي مختلف عالمي سروي ۾ پنهنجي رينڪنگ کي بهتر بڻاڻو پوندو ته جيئن پرڏيهي سرمائيدار اچي سگهن جيڪو ڊي پي کي بهتر بڻائڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي مثالي سزائون ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪرپشن ٽوڙ قانونن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ گهرجي ۽ قانونن تحت ڪم ڪندڙن ايجنسين ۾ ڪرپٽ شخص جي ڪيس کي سولائي سان پيش ڪرڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي. سي پي آءِ 2018ع ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ڪرپشن تي قابو حاصل ڪندڙ گهڻي قدر ملڪن جي ناڪامي سبب سڄي دنيا ۾ جهموريت جو بحران سامهون اچي رهيو آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پيٽريشيا موريرا جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي ڪيئي جهموري ادارن کي حڪمران يا اختيارين يا مقبول ماڻهن مان خطرا آهن. اسان کي شهرين جي حقن جي حفاظت لاءِ نگراني ۽ توازن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جهموريت کي هوريان هوريان ختم ڪندي آهي ۽ اها سائيڪل هلندي رهندي آهي، جتي ڪرپشن جهموري ادارن تي دٻاءُ وجهندي آهي اتي ڪمزور ادارا ڪرپشن تي ظابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا آهن. ياد رهي ته انڊيڪس ۾ ٻه ڀاڱي ٽي ملڪن جو اسڪور 50 مان گهٽ رهيو جڏهن ته گڏيل سطح تي ايوريج اسڪور 43 رهيو. 2012ع کان هن وقت تائين رڳو 20 ملڪن پنهنجي اسڪور ۾ بهتري حاصل ڪئي آهي جن ۾ ارجنٽينا به شامل آهي جڏهن ته آسٽريليا، چلي ۽ مالٽا سميت 16 ملڪن جي اسڪور ۾ تنزلي نوٽ ڪئي وئي آهي . ڊئنمارڪ ۽ نيوزيلينڊ ان فهرست ۾ ترتيبوار 88 ۽ 87 پوائنٽن سان گڏ سڀ کان مٿانهان رهيا جڏهن ته صوماليه، ڏکڻ سوڊان ۽ شام ترتيبوار 10، 13 ۽ 13 پوائنٽن سان گڏ هيٺ رهيا.