پاڪستان کي ٻئي ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪندا سين : ڊيوڊ وارنر

November 28, 2019 at 4:43 pm

ايڊيليڊ( اسپورٽس نيوز)آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر بيٽسمين ڊيوڊ وارني چيو آهي ته مهمان ٽيم کي ٻئي ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪندا سين،هن چيو ته هو پهرين ميچ ۾ پاڪستان خلاف پنهنجي ڪارڪ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 77

ردگي مان مطمئن آهي ۽ ٻئي ۾ پڻ پنهنجي ڪارڪردگي کي برقرار رکندي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو،پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊيوڊ وارنر چيو آهي ته هو مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي جڏهن ته مخالف ٽيم خلاف ميدان ۾ لهڻ لاءِ بي چين آهي.هن چيو ته سندس هدف ڪلين سوئپ ڪرڻ آهي جنهن لاءِ هو تمام گهڻي محنت ڪندو.واضع رهي ته آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 29 نومبر تي ايڊيليڊ ۾ شروع ٿيندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو