پاڪستان ۾ ڏڪار جي صورتحال، ماڻهو کارو ۽ گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور

March 3, 2019 at 10:00 pm

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڏڪار جي صورتحال وري خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي، ماڻهو کارو ۽ گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا، عالمي اداري ريڊ ڪراس موجب ڏڪار سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ڏکڻ سنڌ ۽ بلوچستان جا ضلعا شامل آهن، جتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سخت کوٽ هجڻ سبب ٻار، عورتون ۽ خاص طور تي ڳورهاري عورتون يا وري ٻارن کي کير پيئارينديون آهن، سڀ کان وڌيڪ ڊائيريا، الٽي ۽ بخار جو شڪار آهن. انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪرسنٽ سوسائٽي ( آءِ ايف آر ) جو چوڻ آهي ته تنظيم هنگامي بنيادن تي پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي رضاڪارن ۽ عملي کي 3 لک 16 هزار ڊالر ( 4 ڪروڙ 38 لک رپين) کان وڌيڪ امداد فراهم ڪري ڇڏي آهي، تنظيم جو چوڻ آهي ته شمسي توانائي سان ڪيل بورنگ جي ذريعي پيئڻ جي صاف پاڻي جي حاصلات لاءِ پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ جي سهولت ۽ پاڻي جي صفائي ۽ ٻيا معاملا انجام ڏئي سگهبا. متاثر ٿيندڙن جي حڪومتي سطح تي ڪا به واهر نه پئي ڪئي وڃي. تنظيم متاثرن کي روڪ رقم به ڏئي رهي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو