پاڪ نيوي کي گئس ليڪيج جي جاچ لاءِ ڪا درخواست ناهي ملي (علي زيدي جو بيان رد) اسان ذميوار ناهيون، امداد جو اعلان ڇو ڪريون: ڪي پي ٽي
February 17, 2020 at 6:22 pm
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ساحلي علائقي ۾ زهريلي گئس ڪٿان آئي؟ پاڪ نيوي جي ترجمان وفاقي وزير علي زيدي جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت کين اهڙي ڪابه درخواست ڏني آهي. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ چيو آهي ته سندن حدن مان گئس ليڪيج جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جڏهن ادارو ذميوار نه آهي ته امداد جو اعلان ڪيئن ڪريون؟ ڪياماڙي ۾ گئس ليڪيج سبب فوت ٿيلن جو انگ 7 ٿي ويو ۽ سوين شهري متاثر ٿيا آهن. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين ايڊمرل جميل اختر ۽ ٻين آفيسرز ڪياماڙيءَ ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ واري معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ آسپاس جي آبادي ۾ سوين شهري متاثر ٿيا آهن. واقعي تي ڳالهائيندي ڪي پي ٽي چيئرمين ۽ ٻين چيو ته واقعو پيش اچڻ جي فوري بعد بندرگاهه تي بيٺل ٻيڙن ۽ برٿ جو معائنو ڪرايو ويو، سمورن ٽرمينلز سوڌو اُنهن جاين کي به جاچيو ويو، جتي ڪيميڪل کي هينڊل ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته نيوي جي ٽيڪنيڪل ٽيم به سيمپلز ورتا آهن، اُتان به رپورٽ جاري ڪئي ويندي. ڪي پي ٽي عهديدارن جو چوڻ آهي ته پورٽ جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي گئس ليڪ نه ٿي آهي، واقعي وقت 2 بيڙا بيٺل هئا، جِن مان هڪ ۾ عذائي شيون ۽ ٻئي ۾ بيس آئل هو، جڏهن ته امريڪا مان آيل سويابين موجود هو. تنهن ڪري سويابين جي جهاز مان گئس خارج ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪ وڊيو ۾ دونهون ڏيکاري چيو ويو ته اها گئس ٻيڙي مان خارج ٿي رهي آهي،اصل ۾ اها گئس نه پر ڌوڙ هئي. پورٽ (بندرگاهه) مان گئس خارج ٿئي ها ته اُتي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي به نقصان ٿئي ها. هنن وڌيڪ چيو ته جاچ ٽيمن متاثرن سوڌو فضا جا جُزا ورتا آهن، رپورٽ ۾ ڪي پي ٽي هڪ سيڪڙو به ذميوار ثابت ٿي ته هو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪي پي ٽي انتظاميا چيو ته ڪي پي ٽي اسپتال ۾ متاثرن کي داخل ڪرڻ کان انڪار واريون ڳالهيون افواهه آهن، جيڪڏهن ڪنهن عملدار متاثرن جو علاج ڪرڻ کان جواب ڏنو آهي ته اُن کان سخت پُڇاڻو ڪيو ويندو، هو ڪي پي ٽي ۾ آباد ماڻهن کي لڏائڻ لاءِ ڇو گئس پکيڙيندا؟ جڏهن ته هُنن پاڻ ئي کين ليز ڏني آهي.