پاڻي جو بحران پاڪستاني معيشت لاءِ وڏو خطرو آهي: ورلڊ اڪنامڪ فورم
November 25, 2018 at 5:17 pmجنيوا ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ اڪنامڪ فورم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ پاڻي جو بحران پاڪستاني معيشت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. غير سرڪاري تنظيم ورلڊ اڪنامڪ فورم پنهنجي رپورٽ ڪاروبار لاءِ علائقائي خطرن ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت، نيپال، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي معيشت کي 10 وڏن خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته خراب حڪمراني، مهانگائي جو بي قابو ٿيڻ ۽ بيروزگاري وڏا مسئلا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سائبر حملي، ضروري انفراسٽرڪچر جي کوٽ، توانائي بحران ۽ وڏي پئماني تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقلي هڪ اهم مسئلو آهي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جو چوڻ آهي ته تيل جا وڌندڙ اگهه به ڏکڻ ايشيا جي معيشت لاءِ وڏو مسئلو هوندا جڏهن ته دهشتگردي پاڪستان لاءِ هڪ چئلينج هوندي.