پاڻي جي ورهاست وارو نظام پراڻو آهي ۽ ان کي فوري طور تي تبديل نٿو ڪري سگهجي:سعيد غني

January 23, 2019 at 7:16 pm

ڪراچي ( اسٽاف رپورتر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڻي جي ورهاست وارو نظام پراڻو آهي ۽ ان کي فوري طور تي تبديل نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيندو. سنڌ اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.  اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي جمال صديقي توجهه ڏياريو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته مارٽن ڪوارٽر، پي آءِ بي ۽ پٽيل پاڙي جي علائقن ۾ گندو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي. ماڻهو گندي پاڻي سان وضو ڪري رهيا آهن. ڪو ٻار پاڻي پيئڻ کانپوءِ مري ويندو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟  هن چيو ته حڪومت انهن علائقن ۾ڪم نٿي ڪري جتي کين شڪست ملي آهي، مڪاني ادارن وارو وزير ٻڌائي ته اهو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو.  جنهن جي جواب ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني پاڻي جي فراهمي ۾ امتيازي سلوڪ وارو الزام رد ڪندي چيو ته اهو درست ناهي ته مخالفن جي علائقن کي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ۽ جتي گندو پاڻي اچي رهيو آهي اتان جي ذميوارن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي وسيم قريشي چيو ته اين اي جي لائن مان سي او ڊي پمپنگ اسٽيشن ۽ ڊسٽرڪ ويسٽ کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. جنهنڪري نارٿ ڪراچي ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي.  نارٿ ڪراچي جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.  جنهن تي سعيد غني جواب ڏنو ته سال 2006ع کان انهن علائقن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي ۽ اهو سسٽم نئون ناهي، اسان ٻين علائقن جو پاڻي نٿا روڪي سگهون ڇاڪاڻ جو پاڻي جو بحران ٿيندو ته عوام پريشان ٿيندو.  سنڌ اسمبلي اجلاس دوران بجلي هلي وئي ۽ اسمبلي ڪارروائي اونداهه ۾به  جاري رهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو