پاڻي ناياب ٿيڻ شروع ٿي ويو، سون جي اگهه تي به پاڻي نه ملندو:چيف جسٽس

January 15, 2019 at 12:50 am

 اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ صوبن ۽ وفاق جي جمع ڪرايل رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن مطابق چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ جر جي پاڻي جي استعمال تي صوبن طرفان ٽيڪس لڳائڻ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پاڻي بابت صوبن جي قدمن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته بار بار چيو ته پاڻي بابت جنگي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي، ڪوئيٽا ۾ جر جو پاڻي 12 سئو فوٽ هيٺ هليو ويو آهي، گوادر ۾ پيئڻ جو پاڻي دستياب ئي ناهي. سيڪريٽري لا اينڊ ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته اڃا تائين صوبن طرفان ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن ۽ نه ان حوالي سان آگاهي مهم شروع ٿي سگهي آهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڻي ناياب ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، سون جي اگهه تي به پاڻي نه ملندو، نه توهان جي نيت آهي ۽ نه وري صلاحيت آهي، مان چوان ٿو ته پوءِ خبر لڳي ويندي آهي. چيف جسٽس چيو ته منرل واٽر ڪمپنيون پاڻي استعمال ڪري رهيون آهن، ٻڌايو وڃي ته صوبن ۽ وفاق ڪهڙو ميڪنزم جوڙيو آهي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته وڏي وزير ۽ ڪابينا کي سمري موڪلي وئي آهي، جڏهن ته سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته پاڻي جي قيمت ۽ استعمال بابت رپورٽ ڏني آهي جنهن ۾ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون ويون آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بوتل جي پاڻي کانسواءِ صنعتن ۾ پاڻي جي استعمال جي قيمت به مقرر ٿيڻ گهرجي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو