پرڏيهه ملڪ پاڪستانين جي جيل ۾ موتن جي ذميوار گهرو وزارت آهي:چيف جسٽس
March 4, 2019 at 7:47 pmاسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ پرڏيهه جيل ۾ قيد پاڪستانين جي موت جو ذميوار گهرو وزارت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پرڏيهه ملڪ پاڪستاني قيدين جي واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت گهرو سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اڄ ته توهان کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيون ٿا. جسٽس عظمت سعيد چيو ته شهريار آفريدي کي طلب ڪيون ٿا، پرڏيهه ملڪ جيلن ۾ قيد پاڪستانين جو ڇا ڪرڻو آهي، ڇا پرڏيهه ملڪ مان پاڪستانين جا لاش ئي آڻڻا آهن، پرڏيهه ملڪ پاڪستانين جي جيل ۾ موتن جي ذميوار گهرو وزارت آهي. جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪندي چيو ته توهين عدالت ۾ سزا ٿي ته گهرو سيڪريٽري نوڪري وڃائي ويهندو.، گهرو سيڪريٽري ڪو ٻيو ڪم ڏسي گهرو وزارت هلائڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي، اهڙي گهرو سيڪريٽري سان پاڪستاني محفوظ نه آهن. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته برطانيا ۾ 423 قيدي جيلن ۾ آهن، ٿائيلينڊ ۾ به پاڪستاني جيلن ۾ آهن. جسٽس فيصل عرب چيو ته ڀارت ۾ قيد شاڪر الله جو 16 سالن بعد لاش واپس مليو آهي. سپريم ڪورٽ پرڏيهه ۾ پاڪستاني قيدين جي واپسي بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.