پر امن ڪارڪنن تي رياستي تشدد آمراڻي دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي: بيريسٽر مرتضٰي وهاب

March 21, 2019 at 5:33 am

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) وزيراعلٰي سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب نيب هيڊ ڪواٽر ۾ پيشي جي موقعي تي قيادت جو استقبال ڪرڻ لاءِ آيل پر امن جيالن جي گرفتاري ۽ تشدد جي پرزور مذمت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جي مرضي تي جيالن تي لٺبازي برداشت کان ٻاهر آهي حڪومت پر امن سياسي ڪارڪنن تي تشدد ڪري ڇا چاهي ٿي؟ وفاقي سرڪار غير آئيني عمل ڪري ڪنهن کي خوش ڪرڻ ڇاهي ٿي؟ پيپلزپارٽي قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي ۽ ان لاءِ اسان جي ليڊر شپ نيب سامهون پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن انهن مٿان لڳايل الزامن جو دفاع ڪري سگهجي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آئي حڪومت امن جي دشمن بڻجي وئي آهي راولپنڊي ۾ پيپلزپارٽي جي پرامن ڪارڪنن جي گرفتاري آمريت دور جي ياد تازو ڪري ڇڏي آمرن جا حواري جمهوريت جي بنيادي سبق کان به ناواقف آهن. هن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن فواد چوهڌري تي سخت تنقيد ڪئي آهي ته فواد صاحب پوليس 50 ٽانگن جي برابر پي پي جيالن کي ته گرفتار ڪري ڇڏيو آهي پر پي ٽي آئي پاڻ هڪ ٽانگا پارٽي آهي. جيڪا جمهوري روايت کان واقت ناهي. هن چيو ته اسان جي پر امن ڪارڪنن تي تشدد سان آمرانه دور جي ياد تازي ٿي وئي آهي اڄ اسان جا پرامن ڪارڪن نيب جي آفيس ٻاهران پنهنجي قيادت سان محبت جو اظهار ڪرڻ آيا هئا جنهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته حال اهو آهي فواد چوهڌري جنهن ٿالي ۾ کائيندو آهي ان ۾ ئي سوراخ ڪندو آهي ان کان علاوه صلاحڪار اطلاعات پنهنجي هڪ بيان ۾ هولي جي تهوار تي هندو برادري کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي هن چيو ته هندو برادري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ پنهنجو خوشين سان ڀريو هولي ڏڻ آزادي سان منائي سگهندي آهي پيپلزپارٽي هولي جي ڏڻ جي خوشي ۾ هندو برادري سان شريڪ آهي سنڌ ۾ اقليت خاص ڪري هندو برادري صوبي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي . هن چيو ته هولي جو ڏڻ خوشين ۽ محبت جو پيغام ڏيندو آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو