پشاور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرنيشنل سرڪس ڪمپني جو حشر دنيا ڏسي ورتو:شرجيل ميمڻ

February 24, 2023 at 11:53 pm

صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پشاور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرنيشنل سرڪس ڪمپني جو حشر دنيا ڏسي ورتو، هڪ شخص بہ پوليس جي مهمان نوازي قبول نہ  ڪئي، پوليس ميگا فون تي پشاور، ڊي آئي خان ۽ ٻين علائقن ۾ جيل ڀريو تحريڪ جي دعوت ڏيندي رهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ ايم پي ايز پوليس جي گاڏين سان سيلفيون  ڪڍندا رهيا، عمران خان جا ٽائيگر پوليس کي ڏسي ڪري رفو چڪر ٿي ويا، صوبائي وزير چيو ته هي ماڻهو هڪ طرف جيل ڀريو تحريڪ جا نعرا هڻي رهيا آهن ، 24 ڪلاڪ نٿا گذرن سندن خاندان انھن جي بازيابي لاءِ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا ، هن چيو ته تحريڪ انصاف انٽرنيشنل سرڪس ڪمپني جو اڄ پڙائو راولپنڊي ۾ آهي، عمران خان جي پروڊڪشن ۽ شيخ رشيد جي ڊائريڪشن ۾ سرڪس ڪمپني پنهنجو ٽيون شو پيش ڪري رهي آهي، صوبائي وزير چيو ته عمران خان راولپنڊي ۾ پي ٽي آئي جي اصل اڳواڻن کي سائيڊ لائن ڪري سمورا اختيار شيخ رشيد جي حوالي ڪري ڇڏيا.  

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو