پنجاب حڪومت سستي جو شڪار آهي، ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس

December 15, 2018 at 12:14 am

اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانسپلانٽ اسپتال بابت ڪيس ۾ پنجاب حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته پنجاب حڪومت سست رفتاري جو شڪار آهي ۽ ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي،جڏهن ته هيلٿ ڪيئر جا سمورا ڪم پنجاب ۾ بند ٿيل آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانسپلانٽ اسپتال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان گذريل ٻڌڻي تي پڇو هو ته ٽرسٽ جو ڇا ڪرڻو آهي، 22 ارب رپيه خرچ ڪري ڇڏيا، سموري رقم هڪ ٽرسٽ کي ڏئي ڇڏي آهي، 2 ڀيرا ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هي قانون تبديل ڪري رهيا آهيون. ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته قانون ۾ تبديلي ڪري رهيا آهيون، ڪابينا کي مڪمل پروپوزل ٺاهي موڪليا ويا آهن. چيف جسٽس اداري جي انچارج کي پڇاڻو ڪيو ته ڪيتري سال کان اسپتال جا انچارج آهيو؟ سعيد اختر چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانسپلانٽ اسپتال ۾ 3 سال ٿي ويا آهن، چيف جسٽس چيو ته ٽن سالن کان توهان 20 لک رپيه پگهار کڻي رهيا آهيو، سعيد اختر چيو ته پي ڪي ايل آءِ کان ڪا پگهار نه ورتي آهي، اسان 21 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ڪيا ۽ ڪينسر جو علاج به ڪيو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته بنيادي طور هي ليور جو ٽرانسپلانٽ هو، گڙدن جا آپريشن ته ٻئي طرف به ٿي رهيا آهن، توهان شهباز شريف جي ويجهو هئا، جيڪڏهن توهان چئو ته توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته ڪيئن شهباز شريف سان مليا هئا، اسان کي اهو سمجهايو ته پي ڪي ايل آءِ لاءِ ٽرسٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته جون ۾ هڪ به ليور ٽرانسپلانٽ جو به آپريشن نه ٿيو آهي، 34 ارب رپين مان پنج اسپتالون ٺهي وڃن ها، هي ڪيس سڌو نيب يا وري اينٽي ڪرپشن کي ڏيڻ گهرجي. چيف جسٽس پنجاب حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت سستي جو شڪار آهي، ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، هيلٿ ڪيئر جا سمورا ڪم پنجاب ۾ بند پيل آهي. عدالت حڪم ڏنو ته صوبائي حڪومت پي ڪي ايل آءِ جو ڪنٽرول سنڀالڻ بابت ٻن هفتن ۾ سمري تي فيصلو ڪري. عدالت پي ڪي ايل آءِ انتظامي ڪميٽي سرجن جنرل آف پاڪستان کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو