پوليس شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي بچائڻ جون ڪوششون نه ڪري: اياز لطيف پليجو
February 13, 2019 at 7:34 pmحيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي نئون ديرو ۾ ٽن پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي ترت گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.اياز لطيف پليجي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت مقتول پورهيتن وحيد گل، رئيس خان ۽ رب گل جي قتل پويان لڪل سازش کي وائکو ڪري، اسين ڪنهن به بيگناهه انسان جي قتل خلاف آهيون، سنڌ انسانيت جي پيروڪارن جي ڌرتي آهي، ڪنهن سرڪاري عملدار يا طاقتور ماڻهو کي ڪنهن ڪمزور ۽ بيگناهه انسان جي قتل جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، اسين مظلومن ۽ پورهيتن جا ساٿي آهيون، جن هٿن بيگناهه پورهيتن کي قتل ڪيو آهي، اهي سنڌ ۽ ملڪ ۾ فساد، بدامني ۽ دهشتگردي پکيڙڻ چاهين ٿا، انهن کي گرفتار ڪري انجام تي پهچايو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ دشمنن هندستان ۽ ٻين عالمي طاقتن جي اشاري تي سنڌ ۾ نفرتون پکيڙيون، جمهوريت پسند ۽ انسان دوستي جي سزا طور رت جي راند کيڏي وئي، ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهايو ويو، دهشتگرد دهشتگرد هوندو آهي، دهشتگردن کي انجام تي پهچائڻ کان روڪڻ لاءِ نسلن جا رنگ ڏئي بدامني کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ ۽ ملڪ ان عذاب مان آجو ٿيو آهي پر عالمي طاقتون ٻيهر مذهب، فرقي، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي دهشتگردي ۽ بدامني پکيڙڻ لاءِ سازشون ڪري رهيون آهن، انهن سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي.اياز لطيف پليجي چيو ته پوليس شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل بلڊر رحيم شاهه کي بچائڻ جون ڪوششون بند ڪري، سنڌ جا ماڻهو قاتل کي بچائڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا.