پيٽرول جي قيمت نه وڌائي وڃي ها ته ملڪي خساري ۾ واڌ ٿئي ها: پرڏيهي وزير

May 5, 2019 at 6:51 pm

ملتان(۾ ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت نه وڌائي وڃي ها ته ملڪي خساري ۾ وڌيڪ واڌ ٿئي ها.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آءِ ايم ايف جو طعنو اهي ڏئي رهيا آهن جيڪي پاڻ سڀ کان پهريان آءِ ايم ايف وٽ ويا، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي به پنهنجي دور ۾ آءِ ايم ايف وٽ ويون هيون جڏهن ته پيٽرول جي قيمت نه وڌائي وڃي ها ته ملڪي خساري ۾ وڌيڪ واڌ ٿئي ها.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هر پارٽي کي پنهنجي عهدن ۾ بدلاءُ جو حق حاصل آهي، ن ليگ پارٽي عهدن ۾ تبديلي ڪئي آهي پر ڪجهه قانون ۽ قاعدا هوندا آهن، حيرت آهي ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدر مقرر ٿي آهي، هن چيو ته پ پ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مان مطمئن ناهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو