پي اي سي جي چيئرمين جي مقرري، وزير اعظم خواجا آصف جو نالو رد ڪري ڇڏيو

November 9, 2018 at 6:18 pm

اسلام آباد(بيورو) پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي چيئرمين جي مقرري تي وزير اعظم عمران خان خواجا آصف جو نالو رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مني لانڊرنگ ۾ملوث شخص کي اهم عهدو ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. تفصيل موجب حڪومتي پارٽي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي چيئرمين جي مقرري تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جي نالن تي غور ڪيو ويو، وزير اعظم عمران خان خواجا آصف جو نالو رد ڪري ڇڏيو. خواجا آصف جو نالو بحث هيٺ آڻڻ تي وزير اعظم عمران خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مني لانڊرنگ ۾ ملوث شخص کي اهم عهدو ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. وزير اعظم خواجا آصف جي نالي تي ڳالهين کان به روڪري ڇڏيو ۽ چيو ته خواجا آصف جي نالي تي ڪنهن قسم جي ڳالهه نه ڪئي وڃي، پي اي سي چيئرمين جي لاءِ شهرت جي پارليمنٽرين کي ترجيح ڏيو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو