پي ٽي آءِ حڪومت جي ديانتداري عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي: احسن اقبال
February 3, 2019 at 7:24 pmلاهور/ نارووال ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ديانتداري عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، موجوده حڪومت ملڪي معيشت ٻوڙي رهي آهي، تاتجربيڪار حڪومت کي ملڪي مسئلن جي ڄاڻ ناهي. نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت آن جاب ٽريننگ ڪري رهي آهي، حڪومت ڪم سکندي سکندي پاڪستان جي تباهي ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نااهلي سان عوام کي ڌٻڻ ۾ ڌڪي رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت پاڪستان کي دنيا ۾ فقير بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ملڪي ناڻو ڀريل ڇڏيو هو، 6 مهينن ۾ حڪومت ملڪي ناڻي کي اجاڙي ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي مسئلن تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي، اي پي سي گهرائي وڃي، اسان توهان جي مدد ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان اسحاق ڊار، شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال سان مشورو ڪري. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومت جي عوام تي ظلم ۽ عذاب تي به ٽوئيٽ ڪري، ڪٿي آهي معاشي پاليسي، معاشي ويزن، صورتحال ٽوئٽ ڪرڻ سان ٺيڪ نه ٿيندي. هن چيو ته ملڪي مفاد ۾ انا ۽ تڪبر کي پوئتي رکڻ گهرجي. مسلم ليگ جي ترجمان چيو ته حڪومت جي نااهلي ۽ تجربيڪار سبب عوام مايوسي جو شڪار آهي، وزيراعظم عمران خان پارلياماني اجلاس طلب ڪري، شهباز شريف کان نه ڊڄي.