پي ٽي آءِ خواب ڏسڻ کان اڳ پنهنجي عددي اڪثريت ڏسي: وڏو وزير

January 1, 2019 at 6:52 pm

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ عددي اڪثريت ڇا آهي جڪو حڪومت تبديل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار ملڪ جي معيشت ٺيڪ ڪرڻ ۽ ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙين کي بهتر ڪرڻ بدران ٻين ڪمن ۾ لڳل آهي، مون کي خبر ناهي ته وفاقي سرڪار اي سي ايل مان منهنجو نالو ڪڍڻ لاءِ ڪري ڇا ٿي.  سنڌ سرڪار  جي تبديلي بابت مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ميمبرن کي سنڀالي، مان سمجهو پئي ته هي ماڻهو سڌري ويندا پر ڪتي جي پڇ واري ڳالهه آهي، هي ڪڏهن به نه سڌرندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف ميمبر وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڳالهه تنهن ڪري ڪن ٿا جو هنن قانون پڙهيو ئي ناهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو