پ پ ۽ ن ليگ جي 10 سالا دور ۾ سنڌ ڪوٽا جي لتاڙ جو انڪشاف

January 21, 2019 at 8:49 pm

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 10 سالن دوران وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا جي لتاڙ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان دوران سنڌ کي تمام گھٽ نوڪريون ڏنيون ويون جڏهن ته پنجاب کي وفاق ۾ 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ اضافي نوڪريون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب وفاقي حڪومت توڙي خودمختار ۽ نيم خودمختار ادارن، ڪارپوريشنن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي گذريل 10 سالن دوران جاري ڪيل رپورٽن جي تفصيلن جو جائزو وٺڻ سان انڪشاف ٿيو آهي ته پيپلزپارٽي توڙي مسلم ليگ (ن) پنهنجي پنهنجي دور حڪومتن ۾ خاص طور تي سنڌ ٻهراڙي ۽ بلوچستان جي ڪوٽا تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويون، ٻنهي پارٽين جي حڪومتي دورن ۾ سنڌ ٻهراڙي ۽ بلوچستان جي ڪوٽا جي وڏي پيماني تي لتاڙ جي صورتحال سامهون آئي آهي. سال 09-2008ع ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ڪُل چار لک 39 هزار 10 ملازم ڪم ڪري رهيا هئا، اهڙي ريت ڪارپوريشنن، خودمختار ۽ نيم خودمختار ادارن ۾ 3 لک 40 هزار 820 ملازم مقرر هئا جن جو گڏيل تعداد 7 لک 79 هزار 830 ٿئي ٿو. وفاقي ملازمتن ۾ مقرر سنڌ ٻهراڙي جي 11.4 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان سال 09-2008ع ۾ 88 هزار 900 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها پر سنڌ ٻهراڙي مان مجموعي طور تي 53 هزار 644 ملازم مقرر هئا جنهن ڪري سنڌ ٻهراڙي مان سال 09-2008ع ۾ مقرر ڪوٽا کان 35 هزار 256 ملازم گهٽ مقرر ٿيل هئا. اهڙي ريت سال 10-2009ع ۾ وفاقي حڪومت ۽ خودمختار ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو مجموعي تعداد 7 لک 97 هزار 79 هو، سنڌ ٻهراڙي جي مقرر ڪوٽا تحت 88 هزار 815 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها پر انهيءَ سال سنڌ ٻهراڙي مان 54 هزار 274 ملازم مقرر هئا، اهڙي ريت سال 10-2009ع ۾ سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ڪوٽا کان 34 هزار 541 ملازم گهٽ مقرر ٿيل هئا، سال 11-2010ع ۾ وفاقي حڪومت ۽ خودمختار ادارن ۾ مجموعي طور تي 8 لک 19 هزار 249 ملازم ڪم ڪري رهيا هئا، سنڌ ٻهراڙي جي مقرر ڪوٽا جي حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان 93 هزار 394 ملازم مقرر ڪرڻ سنڌ ٻهراڙي جو آئيني حق هو پر سال 11-2010ع ۾ سنڌ ٻهراڙي مان 66 هزار 580 ملازم مقرر هئا، اهڙي ريت انهيءَ سال به سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ڪوٽا کان 86 هزار 814 ملازم گهٽ مقرر ٿيل هئا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو