ٿر جي آر او پلانٽ جو پاڻي پيئڻ بعد سڄو ڏينهن پريشان رهيس، وڏي وزير ڍڪ ئي نه پيتو: چيف جسٽس
December 13, 2018 at 6:25 pmاسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ۾ ٿر بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته مٺي ويس ته ماڻهن کي کٽن تي سمهاريو ويو، جڏهن ته مان نڪري ويس ته ڪيمپ پتي سامان ٽرڪ تي کڻي هليا ويا، هڪ ٻن ڏينهن لاءِ نرسن ۽ ملازمن کي آندو ويو. چيف جسٽس چيو ته 8 سالن کان ايڪسپري مشين خراب پيل آهي، آپريشن ٿيٽر آهي پر دوائون ۽ سرجن نه آهن، جيڪو پاڻ مان پلانٽ مان پيتو اهو پيئڻ کانپوءِ سڄو ڏينهن پريشان رهيس، اهو پاڻي ماڻهن کي پياريو پيو وڃي، جڏهن ته جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ته هڪ گلاس پاڻي نه پيتو. چيف جسٽس چيو ته گهرن جي رٿا ڏسي حيرت ٿي ڇو ته زمين مفت آهي پر ماڻهن کي 50 لک عيوض گهر ڏنا پيا وڃن، قوم جي پئسي کي ڦريو پيو وڃي، جيڪا رقم خرچ ڪئي پئي وڃي اها هوش اڏائيندڙ آهي. هن چيو ته پاور فل منصوبو آهي پر 2 ارب ڊالر جي حڪومت جي گارنٽي ڏني وئي آهي. چيف جسٽس ٿر جي دوري بابت رمارڪس ڏيندي چيو ته مان اسڪول جو دورو ڪيو جتي عملو نه هو، نه وري پيئڻ جو پاڻي هو، جڏهن ته ڇوڪرين جي اسڪول ۾ ته واش روم تائين ناهي. چيف جسٽس ثاقب نثار ڪيس جي ٻڌڻي 27 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.