ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نه آيو، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 9 گل ڪومائجي ويا

November 26, 2019 at 4:23 pm

مٺي: (رپورٽر) ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نه آيو، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 9 گل ڪومائجي ويا. خبر موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ سخت سردين سبب ٻارڙن جي موت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان ڏس ۾ هڪ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 06

 ڏينهن دوران ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ 9 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا. فوت ٿيل 9 ٻارڙن ۾ ننگرپارڪر اسپتال ۾ اڍائي سالن جو صمندکاڙڪ، ويراواه جي 8 مهينن جي آمنت سمون، ڳوٺ گهرٽياري جو 4 سالن جي انيتا رائچند، ڇاڇرو اسپتال ۾ ڏيڊ مهيني جو شهزاد ڪنڀار، مٺي سول اسپتال ۾ 6 مهينن جي سومل جوڻيجو، پنج مهينن جي راڻي، هارون، ڪيلاش ۽ سوائي ٺڪر جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آھن. گڏ ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 54 ۽ هلندڙ سال انگ 772 ٿي ويو آھي. هوڏانهن سول اسپتال مٺي سميت ضلعي ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ برقرار آھي ۽ علاج جون سهولتون نه هئڻ برابر آھن. ماروئڙن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت دعوائن باوجود ٿر ۾ سهولتون فراهم ناهن ڪيون، جنهن ڪري ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌي رهيو آھي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو