ڀارتي الزام ۽ اڳرائي وارو وريو خطي جي امن لاءِ نقصانڪار آهي: پاڪستان
February 17, 2019 at 8:16 pmاسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر ڀارت جي پلواما حملي بابت الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا پاڪستان ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن کي ٽئين ڏينهن به بريفنگ جو سلسلو جاري رکيو. تهمينا جنجوعا ٽئين ڏينهن آفريڪي ملڪن جي سفيرن کي بريفنگ ڏني جنهن جو مقصد پلواما حملي بعد ڀارت جي واويلا جو جواب ۽ حڪومت جو موقف پيش ڪرڻ هو. تهمينا جنجوعا چيو ته ڀارت ۾ ڄاڻي ٻجهي پاڪستان مخالف جذبن کي هٿي ڏني پئي وڃي، ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي، پاڪستان تي بنا جاچ ۽ بنا شاهدين الزام هڻڻ ڀارت جو پراڻو رويو آهي، ڀارتجا الزام ۽ اڳرائي وارو رويو خطي جي امن لاءِ نقصانڪار آهي.