ڀارتي اڳراين جو جواب ڏنو پيو وڃي، ملڪ جي دفاع لاءِ جوان الرٽ آهن:پاڪ فوج
February 28, 2019 at 9:27 pmراولپنڊي (م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود سرحد تي پاڪ فوج کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت طرفان ڪئي ويندڙ ڪنهن به جارحيت ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي جو وقت سر جواب ڏيڻ لاءِ اوڀر سرحد تي فوج کي هاءِ ڪورٽ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي جارحيت کي روڪڻ لاءِ پاڪ فضائيا ۽ پاڪ بحريا کي به اڳ ئي هاءِ الرٽ ڪيو ويو هو. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي پر پاڪ فوج انهن کي وقت سر جواب ڏئي سندن بندوقون خاموش/ ڪرائي ڇڏيون. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ڪوٽلي، کوارهٽ ۽ تتا پاني سيڪٽرن تي جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي پاڪ فوج انهن کي ڀرپور جواب ڏنو. پاڪ فوج طرفان جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي اهلڪارن جي مارجڻ ۽ ڀارتي چيڪ پوسٽن کي نقصان پهچڻ جا به اطلاع آهن. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ فائرنگ سان 4 شهري شهيد ۽ 2 زخمي به ٿيا. گڏوگڏ آءِ ايس پي آر طرفان عوام کي تنبيهه ڪئي وئي ته سوشل ميڊيا جي استعمال کان محتاط رهن ۽ ان جو ذميواراڻو استعمال ڪن.