ڀارتي ۽ اسرائيلي ليڊر اخلاقي ڏيوالي پڻ جو مظاهرو ڪن ٿا: عمران خان

April 10, 2019 at 1:23 am

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي ۽ اسرائيلي ليڊر اخلاقي ڏيوالي پڻ جو مظاهرو ڪن ٿا اسرائيلي ۽ ڀارتي عوام پنهنجن اڳواڻن کان ڇو نٿو سوال ڪري ته اليڪشن کٽڻ لاءِ اهي ڪيتري حد تائين وڃي سگهن ٿا ٻئي گڏيل قومن جي ٺهرائن جا بکيا اڍيڙي رهيا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسرائيلي ۽ ڀارتي ليڊر الهندي ڪناري ۽ والاريل ڪشمير تي ڏاڍ ذريعي قابض آهن هن چيو ته اسرائيلي ۽ ڀارتي ليڊر گڏيل قومن جي ٺهرائن جا بکيا اڍيڙي رهيا اهن ۽ ٻئي ليڊر عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪري رهي ااهن هن چيو ته اسرائيلي ۽ ڀارتي عوام پنهنجن ليڊرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڇو نٿو ڪري ۽ اهي پنهنجي ليڊر کان ڇو نٿا پڇا ڪن ته اليڪشن کٽڻ لاءِ اهي ڪيتري حد تائين وڃي سگهن ٿا واضح رهي ته اسرائيل ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري رهيو جڏهن ته ڀارت ۾ 11 اپريل کان چوڊون ٿي رهيون آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو