ڀارت تڪڙ ۾ ڪو قدم کنيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين: شاهه محمود قريشي
February 19, 2019 at 7:03 pmاسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بدامني ۽ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، ڀارت تڪڙ ۾ ڪو قدم کنيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين.اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سهيل محمود ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي سهيل محمود کان پلواما حملي کانپوءِ ڀارت جي الزامن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ته بدامني ۽ ڇڪتاڻ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي. هن چيو ته صورتحال جو سنجيدگي سان جائزو وٺي رهيا آهيون، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ کان آگاهه ڪيو آهي.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت تڪڙ ۾ اچي ڪجهه ڪيو ته ڀرپور رد عمل ڏينداسين. هن چيو ته ڀارت اڳرائي وارو رويو اختيار ڪري رکيو آهي پر هو پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو. هن چيو ته پلواما حملي جا ذميوار ڀارت مان ئي هئا پر پوءِ به پاڪستان تي الزام هنيا ويا، ڀارت اهو سڀ ڪجهه سياسي مقصدن ۽ چونڊن لاءِ ڪري رهيو آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته ايراني پرڏيهي وزير سان ڳالهيون ٿيون آهن، ايران طرفان ڪنهن به قسم جي ناراضگي جو اظهار نه ڪيو ويو آهي، اسان ايران ۽ ايران اسان سان شيون شيئر ڪيون آهن، سمورا معاملا گڏجي ويهي حل ڪنداسين.