ڀارت جنگ ڪئي ته مندرن ۾ گهنٽيون نه وڄنديون: شيخ رشيد
February 19, 2019 at 7:06 pmلاهور (م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ڀارتي الزامن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اسان چوڙيون ناهن پاتيون، اسان لاءِ پاڪستان زندگي آهي، ڪنهن به پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏٺو ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. وزيراعظم جي خطاب تي ردعمل ڏيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان پاڪستانين جي جذبن جي ترجماني ڪئي ۽ ڀارت کي واضح ڪيو ته امن سان ڳالهه ڪندئو ته امن سان ڳالهه ٿيندي، جنگ جي ڳالهه ڪندئو ته جنگ جي ڳالهه ٿيندي. هن چيو ته ڀارت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف آهي، اڄ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم جو سبب ڪشمير مسئلو آهي، اسان لاءِ پاڪستان زندگي آهي، اسان چوڙيون ناهن پاتيون، ڀارت جنگ ڪئي ته مندرن ۾ گهنٽيون نه وڄنديون، امن هجي يا جنگ، پاڪستاني عوام عمران خان سان گڏ آهي.