ڀارت جيڪڏهن 40 ڪلوميٽرن اندر آيو ته اسان 80 ڪلوميٽر اندر داخل ٿي وينداسين :خورشيد شاهه
February 26, 2019 at 7:41 pmاسلام آباد ( بيورو ) مخالف ڌر جي پارٽين جي پُرزور مطالبي تي حڪومت ڀارتي اڳرائي واري واقعي تي پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي سربراهي ۾ قومي اسمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه موجودا صورتحال تي پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف ان جي حمايت ڪئي. پارلياماني معاملن بابت وزير علي محمد خان قومي اسمبلي ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. علي محمد خان چيو ته سموري پارليامنٽ ۽ قوم گڏ آهي، ڪوشش آهي ته گڏيل اجلاس اڄ ئي ٿي وڃي، پوءِ ڀلي رات جو ٻارنهن وڳي ڇو نه ٿئي.خورشيد شاهه چيو ته اسان جنگ واري حالت ۾ اچي ويا آهيون، پارليامنٽ ويهي ۽ فيصلو ڪري،ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي وڃي جنهن سان اختلاف پيدا ٿين، اسان کي دنيا ۽ ڀارت کي پنهنجو اتحاد ڏيکارڻو آهي، ڀارت جيڪڏهن 40 ڪلوميٽرن اندر آيو ته اسان 80 ڪلوميٽر اندر داخل ٿي وينداسين. ان موقعي خواجه آصف پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ شام ئي گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي، هي قومي سلامتي جو مسئلو آهي ته جيئن هڪ آواز وڃي، اسان جي جوانن ۽ فوج کي خبر پئي ته قوم ساڻن گڏ بيٺي آهي. خواجه اظهار چيو ته هن وقت سياست نه ڪريو، هي اتحاد ۽ قومي ٻڌي جو وقت آهي. ن ليگ جي سردار اياز صادق چيو ته گذريل سال ۾ پاڪستان اسلامي سهڪار واري تنظيم جي هر پارلياماني گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، پر هاڻ پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ او آءِ سي جي اجلاس ۾ نه وڃڻ گهرجي، او آءِ سي جي جي همت ڪيئن ٿي جوهن ڀارت کي گيسٽ آف آنر ڪري گهرايو، ڇا ڀارت کي دعوت ڏيڻ کان اڳ پاڪستان کان پڇو ويو هو. اسان کي عزت سان جيئڻو آهي يا بي عزتي سان جيئڻو آهي. ڀارت جيان پاڪستان کي به پنهنجي شين جي برآمد تي ڊيوٽي لڳائڻ جي ضرورت آهي