ڀارت سان خوشگوار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: عمران خان
November 28, 2018 at 8:36 pmاسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري جي اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيستائين ماضي جون زنجيرون نه ٽوڙينداسين، اڳتي نه وڌي سگهنداسين. ڪرتارپور راهداري جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي صرف سکڻ لاءِ هوندو آهي، رهڻ لاءِ نه ، پر اسان جي لاڳاپن جو اهو حشر آهي جو اسان هڪ وک اڳتي وڌائي ٻه وکون پوئتي هلايا ويندا آهيون. وزيراعظم فرانس ۽ جرمني جي ماضي جي لاڳاپن ۽ جنگن جو حوالو ڏيندي ڀارت کي مشورو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فرانس ۽ جرمني هڪ يونين ٺاهي اڳتي وڌي سگهن ٿا ته پوءِ اسان ڇو نه نٿا وڌي سگهون. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت هڪ قدم اڳتي وڌائيندو ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين. ان گڏ ئي هن وضح ڪيو ته مان، اسان جي پارٽي، اسان جي فوج، اسان جا سمورا ادارا هڪ صف ۾ بيٺل آهن، اسان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا ۽ ڀارت سان خوشگوار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڏو مسئلو ڪشمير جو آهي، انسان چنڊ تائين پهچي چڪو آهي، ڇا اسان ڪشمير جو مسئلو حل نٿا ڪري سگهون؟ ان سان گڏ ئي هن چيو ته اهڙو ڪهڙو مسئلو آهي جيڪو اسان حل نٿا ڪري سگهون، ان لاءِ ارادو ۽ وڏو خواب گهرجي. وزيراعظم ڀارت سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته سرحدن جي ٻنهي پاسي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا مسئلا حل ڪرڻ جو ارادو رکي. ڪرتارپور راهداري جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته جيڪا خوشي مسلمانن کي مديني شريف وڃڻ تي ملندي آهي، مان اها خوشي اڄ هتي موجود شرڪت ڪندڙن کي چهري تي ڏسي رهيو آهيان. ان سان گڏ ئي سندس چوڻ هو ته ڪارتارپور سرحد کولڻ بابت پنهنجو واعدو پورو ڪيو، اڄ هر اک ۾ خوشي ڏسي رهيو آهيان، ڪرتارپور ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، وزيراعظم چيو ته ايندڙ سال سک برداري کي ڪارتارپور بهتر انداز ۾ ملندو. ان موقعي تي هن اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو جي تعريف ڪندي چيو ته مونکي سندس ڪامنٽري تي ياد آهي پر اها خبر نه هئي ته سڌو کي صوفي ڪلام تي پڻ ايتري مهارت حاصل آهي، مان هن مان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان.