ڀارت سان ڇڪتاڻ طالبان امن ڳالهين تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي: پاڪستان

March 5, 2019 at 7:29 pm

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ پاڪستان سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان جو چوڻ آهي ته بنا  ثبوت جي ڀارت پلواما حملي جو الزام پاڪستان تي هنيو جڏهن ته ڀارتي جهاز پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڪيرايو.آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب دوران چيو ته بنا ثبوت جي ڀارت پلواما حملي جو الزام پاڪستان تي هنيو، ڀارت ثبوت ڏئي ته پاڪستان قدم کڻندو جڏهن ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ طالبان ڳالهين تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان ۾ امن جي حوالي سان آمريڪا ڪامياب ٿئي.پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان چيو ته ڀارتي جهاز پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڪيرايا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ڇڪتاڻ جي باوجود ڳالهين جو پيغام ڏئي رهيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو