ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن تڪرارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون: تهمينا جنجوعا
December 11, 2018 at 8:30 pmاسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جي حل تي ڳالهين لاءِ تيار آهي. اسلام آباد ۾ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا چيو ته پاڪستان سمورين اهم طاقتن سان رابطي ۾ آهي، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هڪ مثال آهن، چين اهو ملڪ آهي جنهن سان پاڪستان هر مسئلي تي ڳالهائيندو آهي، وزيراعظم عمران خان جي دوري سان لاڳاپن کي نئون رخ مليو آهي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ چيني سيڙپڪاري سبب گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جي معاشي حالت بهتر ٿي آهي، سموري دنيا هاڻي چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ جي ويزن کي مڃي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ خطو ڪيترن ئي اهم مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان ڪيترن ئي سالن تائين دهشتگردي کي منهن ڏنو آهي،افغانستان جي مسئلي جو حل لازمي آهي، افغانستان ۾ داعش جي موجودگي پاڪستان جي مستقبل لاءِ خطرو آهي، علائقائي ۽ عالمي طاقتن کي افغان مسئلي جو احساس ٿي ويو آهي. تهمينا جنجوعا چيو ته افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جي به واکاڻ ڪيون ٿا. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي تصديق ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته برطانوي پارليامينٽ جي ڪشمير تي گروپ جي رپورٽس ڀارت جو چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت سرڪار تنظيم کي يرغمال بڻايو آهي، ڀارت ئي سارڪ سربراهه اجلاس جي رستي ۾ رنڊڪ آهي. تهمينا جنجوعا چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي سمورن تڪرارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، خطي ۾ امن لاءِ وزيراعظم جي ڀارت جي هڪ قدم جي جواب ۾ 2 وکون اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، وزيراعظم پنهنجي خطي ۾ ڳالهين جي بحالي جي تجويز ڏني، پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي نيويارڪ ۾ ملاقات طئي ڪرڻ بعد ڀارت رد ڪئي.