ڀارت سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا کي جنگ ۾ ڌڪي رهيو آهي:پرڏيهي وزير

February 28, 2019 at 9:27 pm

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کي ڀليڪار چئون ٿا، ٽرمپ صورتحال جي سنگيني کي سمجهندي مداخلت جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان ۽ سندس ڪابينا بهترين پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ بهترين سفارتڪاري تي پرڏيهي وزارت کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، آمريڪا جي مداخلت خطي ۾ امن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته گذريل رات منهنجي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن تي مان کيس ڀليڪار چيو، اڄ سعودي پرڏيهي وزير، ولي عهد محمد بن سلمان جو اهم پيغام کڻي پاڪستان اچي رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان امن امان جا خواهشمند آهيون، پهرين ڏينهن کان وٺي چئي رهيا آهيون ته ڀارت طرفان خطي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون سياسي مقصدن تحت آهن، بي جي پي ليڊر پاڻ دعويٰ ڪري رهيو آهي ته پاڪستاني حدن ۾ فضائي حملي سان کين لوڪ سڀا ۾ 22 سيٽون وڌيڪ ملنديون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو