ڀارت هوش کان ڪم وٺي، اسان سڀني پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا:عمران خان

March 15, 2019 at 6:48 am

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ آن لائن ويزا پاليسي جاري ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جو ويزا جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي چوڻ هو ته اڄ پاڪستان امن جي رستي تي نڪري پيو آهي، ملڪ کي ٻين لاءِ کولڻ جو نئين پاڪستان جو اهو پهريون قدم آهي. هن چيو ته هڪ مائنڊ سيٽ هو ته ويزا جاري ٿيڻ ايترو ڏکيو بڻايو ته ڪو ايندو ئي نه، نئين ويزا پاليسي تحت 55 ملڪن جي شهرين کي آن رائيول ويزا اڄ کان جاري ٿي سگھندي. برطانيا، چين، ترڪي، ملائيشيا ۽ گڏيل عرب رياستن جا شهري اي ميل ذريعي رڳو 8 ڊالرن جي فيس ڏئي ويزا حاصل ڪري سگھندا. وزيراعظم چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان گھڻو پراعتماد هو ۽ ملڪ گھڻي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو هو، اِهو اُهو وقت هو، جڏهن پاڪستاني وزيراعظم جي آمريڪي وزيراعظم پاڻ ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، 70 جي ڏهاڪي ۾ اسان جو مائنڊ سيٽ تبديل ڪيو ويو ۽ پئسا ٺاهڻ کي گناهه سمجهيو ويو، ان مائنڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ تمام ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي ۽ آن لائن ويزا جاري ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو