ڀارت پاران مدرسي کي جيش محمد جو هيڊڪوارٽر قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي:فواد چوڌري
March 2, 2019 at 7:32 amاسلام آباد (بيورو) سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد چيو آهي ته ڀارت پاران مدرسي کي جيش محمد جو هيڊڪوارٽر قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي ٽيوٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جو فيصلو ٿيو چوڌري فواد چيو ته بهاولپور ۾ هڪ مدرسي جو انتظام پنجاب حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڀارت ڄاڻايل مدرسي بابت بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رهيو هو هن چيو ته ڀارت جو مدرسي کي جيش محمد جو هيڊڪوارٽر قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي چوڌري فواد چيو ته پنجاب حڪومت ميڊيا جي نمائندن کي مدرسي ۾ کڻي ويندي هن چيو ته ميڊيا نمائندا پاڻ حقيقتن جو مشاهدو ڪري سگهندا چوڌري فواد چيو ته مدرسي ۾ 700 جي لڳ ڀڳ خطابي تعليم وٺي رهيا آهن چوڌري فواد چيو ته سمورين جماعتن جي اتفاق راءِ سان نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي چوڌري فواد چيو ته مدرسي جو ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڪارروائين سان ڪوبه تعلق نه آهي.