ڀارت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ دنيا کي گمراهه ڪرڻ بند ڪري: پاڪستان

March 10, 2019 at 8:01 pm

اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تحت انتها پسندي جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، گهرو سياسي مفادن لاءِ تازن قدمن کي پلواما سان جوڙڻ ڀارتي ايجنڊا جو حصو آهي.  پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دنيا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو آهي، پاڪستان جي تازن قدمن کي پلواما حملي سان جوڙڻ ڀارتي ايجنڊا جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس چيو ته ڀارت دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن جي نالي تي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي رهيو آهي،  عالمي برادري ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان روڪي. پرڏيهي آفيس چيو ته قابض انتظاميه والاريل ڪشمير ۾ ڇرن واري بندوق ذريعي عورتن، ٻارڙن ۽ نوجوانن کي انڌو ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غير ڪشميرين کي آڻي آبادي جو توازن بگاڙي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان خود ارادايت جي حق لاءِ والاريل ڪشمير جي عوام جي جائز جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، والاريل ڪشمير جي عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ گهرجي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو