ڀلي سڄي اپوزيشن گڏجي مارچ ڪري، منهنجي حياتي ۾ ته اين آر او نه ملندو: وزيراعظم
October 28, 2019 at 6:27 pmننڪانه صاحب (م ڊ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڀلي سموري اپوزيشن گڏجي مارچ ڪري، جيستائين آئون جيئرو آهيان، کين اين آر او نه ملندو. عدالت چيو ته نواز شريف جي زندگيءَ جي گارنٽي ڏيو، انسان زندگيءَ ۽ موت جي گارنٽي نٿو ڏئي سگهي. ننڪانه صاحب ۾ بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن تي تنقيد ڪئي. خطاب دوران وزيراعظم چيو ته آزادي مارچ ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، پر اپوزيشن وارا گڏجي جيترا به مارچ ڪن، آئون بليڪ ميل ٿيڻ وارو نه آيان ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪريان ٿو ته جيستائين جيئرو آهيان، کين اين آر او نه ملندو. وزيراعظم چيو ته پهرين به 2 اين آر او مليا، جِن جي ڪري ملڪ تباهيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو، هڪ نواز شريف کي سعودي عرب وڃڻ لاءِ مليو ۽ ٻيو آصف زرداري کي اين آر او ڏنو ويو، نتيجي ۾ اُنهن گڏجي ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪئي، جنهن سبب ملڪ قرضي ٿي ويو آهي. خطاب ۾ آزادي مارچ جي حوالي سان سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهي ماڻهو حڪومت جي ناڪامي خلاف احتجاج نٿا ڪن، پر تحريڪ انصاف جي ڪاميابي کان ڊنل آهن. ميثاق جمهوريت ذريعي ڪرپٽ ماڻهو جمع ٿي ويا ۽ ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪري هڪٻئي کي تحفظ ڏيڻ لڳا. تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته اخبارن ۾ پڙهيو ته عدالت صوبائي توڙي وفاقي سرڪار کان پُڇيو آهي ته ڇا توهان نواز شريف جي زندگيءَ جي گانٽي ڏئي سگهو ٿا، آئون ته سڀاڻي تائين پنهنجي زندگيءَ جي به گارنٽي نٿو ڏئي سگهان ته ٻئي جي گارنٽي ڪيئن ڏيان؟ هُن چيو ته زندگيءَ ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، انسان ڪوشش ڪري سگهي ٿو ۽ اسان نواز شريف کي بهترين طبي سهولتون ڏنيون. ڪراچي مان ڊاڪٽر گهرايا، شوڪت خانم جي سي اي او کي خصوصي طور موڪليو. اسان رڳو ڪوشش ڪري سگهو نٿا، انسان زندگيءَ ۽ موت جي گارنٽي نٿو ڏئي سگهي.