ڄامشوري جي ٿڌرين هوائن ۾ ايڪتا جي خوشبو نکري پئي: ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن

December 1, 2019 at 5:53 pm

ڄامشورو (نمائندن وٽان) سنڌي ايڪتا جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ڄامشورو ضلعي اندر به ثقافتي تقريبون ڀرپور نموني شروع ٿي ويون، ايڪتا جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڄامشورو ضلع/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 06

ي جي سيوهڻ، ڀان سيد آباد، سن، مانجهند ، ڄامشورو ، ڪوٽڙي، نوري آباد، ٿاڻو بولا خان پريس ڪلبن آڏو تقريبون جاري آهن، صحافين، سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي، ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين جو وڏو انگ سنڌي ثقافتي لباس سان سنڌي ٽپيون اجرڪ، پٽڪا پھري گهرن کان ٻاهر نڪري آيو آهي، سڄي سنڌ جيان ڄامشورو ضلعي ۾ به عيد جو منظر پسجي رهيو آهي، جڏهن ته ضلعي جي مختلف سرڪاري غير سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۾ تقريبن سان گڏ سياسي سماجي عملي ادبي تنظيمن طرفان به الڳ الڳ پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، جتي قافلن جي صورت ۾ پروگرامن ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن، تقريبن ۾ مقامي فنڪارن، شاعرن، سگهڙن طرفان فن جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٻارڙن طرفان ٽيبلوز پيش ڪيا پيا وڃن. مقررن پاران سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌي ثقافت تي روشني وجهي نوجوان نسل کي پنهنجي سنڌ وطن، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌي ثقافت کي بچائڻ لاءِ هدايتون ۽ درس ڏئي رهيا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو