چئن سالن تائين ويڳو پيءُ هراسان ڪندو رهيو: اداڪاره فريال محمود جو انڪشاف
November 19, 2019 at 5:30 pmڪراچي (شو بز نيوز) ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ فنڪاره فريال محمود جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي ويڳي پيءُ سان سخت نفرت ڪريان ٿي ڇو ته هو ننڍپڻ ۾ ئي مون کي جنسي طور تي حراسان ڪندو ره
يو آهي. اداڪاره ثمينه پيرزاده کي ڏنل انٽرويو ۾ فريال محمود چيو ته منهنجي ماءُ روحاني بانو آهي جيڪا پاڻ به اداڪاره آهي. منهنجو ننڍپڻ سٺو ناهي گذريو. 7 سالن جي عمر ۾ والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي جنهن کان پوءِ اسان آمريڪا شفٽ ٿي وياسين. والده پهرين شادي جي ناڪامي کان پوءِ گهر وسائڻ جي لاءِ 2 وڌيڪ شاديون ڪيون. مان پنهنجي ٻئي ويڳي پيءُ کان سخت نفرت ڪريان ٿي. 8 سالن کان 11 سالن جي عمر تائين هو مون کي هراسان ڪندو رهيو. هو اهڙي وقت ۾ مون کي جنسي حراسمينٽ جو نشانو بنائيندو هو جڏهن منهنجي ماءُ ڪم جي سلسلي ۾ ٻاهر ويندي هئي. مان پنهنجي ماءُ کي اها ڳالهه نٿي ٻڌائي سگهيس. ٻئي شادي جي لاءِ امڙ جي خراب چونڊ منهنجو ننڍپڻ خراب ڪري ڇڏيو. دوست پنهنجي بهترين ننڍپڻ ۾ واپس وڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪندا آهن ته مان سوچيندي آهيان ته منهنجو اڄ ئي بهتر آهي. فريال محمود چيو ته ٻارهين ڪلاس تائين مان 13 اسڪول بدلايا منهنجا 2 ننڍا ڀائر ۽ 3 ويڳيون ڀيڻون آهن